خير محمد آريجا جا مدرسا

خير محمد آريجا جا مدرسا: تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڳوٺ خير محمد آريجا کي اهو شرف حاصل آهي ته هتان جي هڪ عالم محدث علامه محمد آريجي 1160هه/ 1747ع دوران هڪ ديني مدرسو قائم ڪيو. هن ئي مدرسي مان پير سائين پاڳارو محمد راشد روضي ڌڻي درس نظاميه ۽ دوره حديث شريف پڙهيو. علامه محمد آريجويءَ کان پوءِ علامه غلام حسين آريجويءَ هتي ديني مدرسو قائم ڪيو، جتان مولانا تاج محمد آريجوي (جنهن جي فتويٰ مصر مان مستند بڻجي موٽندي هئي) ۽ مولانا حڪيم غلام عمر آريجو (جنهن کي ’سنڌ جو سعدي‘ سڏيو ويندو هو، جنهن مولانا سعدي رحه جي ڪتاب ’ڪريما‘ کي چئن ٻولين ۾ ترجمو ڪيو) فارغ التحصيل ٿيا. مولانا غلام محمد آريجو ساڳئي درسگاهه ۾ درس ۽ تدريس جو سلسلو جاري رکندو آيو. اڳتي هلي سندس فرزند ارجمند علامه مفتي محمد هدايت الله آريجويءَ ساڳئي مدرسي کي ’دارلعلوم جامعه حسينيه رضويه‘ جي نالي سان متعارف ڪرايو. هن دارالعلوم هڪ وڏي عرصي تائين دين جي جيڪا خدمت ڪئي، سا ساراهه جوڳي آهي. هن دارالعلوم مان 30 شاخون نڪتيون, جيڪي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ڪم ڪن ٿيون، هن ئي دارالعلوم مان سوين شاگرد حافظ القرآن عالم بڻجي نڪتا آهن. هن مدرسي جو بنياد 21 ذوالحج 1347هه /31 مئي 1929ع ۾ رکيو ويو. هي مدرسو ٽن ڪمرن، هڪ ورانڊي تي مشتمل آهي. هن مدرسي جو باني استاد الحاج تاج محمد نور الله هو، جنهن پنهنجي ذوق و شوق ۽ سخت محنت سان هن مدرسي جو بنياد رکيو. استاد علامه تاج محمد رضائي ابتدائي تعليم پنهنجي شهر آريجا ۾ ورتي . ان کانپوءِ جناب استاد العلماء علامه غلام عمر ابو الفيض وٽ مڪمل ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو